حسين بخش ذاڪري سماع ڌڻي

حسين بخش ذاڪري ’سماع ڌڻي‘: خليفو حسين بخش ذاڪري، ذات جو لاڙڪ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ذڪر ۽ سماع جو حلقو سنڀاليندڙ فقير سومر لاڙڪ جي خاندان مان هو. لاڙڪن کي ذڪر ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي، تنهنڪري اهي ذاڪري فقير سڏبا آهن.
خليفو حسين بخش ذاڪري 1904ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾ ڄائو. والد خليفي لعل محمد کيس عربي ۽ سنڌيءَ جي بنيادي تعليم ڏني. پنهنجي ذهانت سان پوءِ انگريزي ۽ اردو به سکيو. انگريز حاڪمن سندس قابليت جي پيش نظر کيس بنا ڪنهن سَندَ يا سرٽيفڪيٽ جي پوليس کاتي ۾ سپاهي ڀرتي ڪيو. جتان ترقي ڪري هيڊ منشيءَ طور رٽائر ٿيو. نوڪريءَ سان گڏ خلافت وارو سلسلو به جاري رکيائين. پنهنجي ڪشادي اوطاق تي سوين مريدن کي لطيف سائينءَ جو ڏنل ذڪر ڏيندو رهيو. هر آيل مريد جي خدمت ۾ به وسان نه گهٽائيندو هو. 1977ع ۾ سندس وفات بعد اهو سلسلو سندس پوٽو سنڀاليندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو